رضوان گل

رضوان گل

رضوان گل

رضوان گل: شاعر، ڪھاڻيڪار، مترجم ۽ محقق رضوان گل جو پورو نالو رضوان الحق پٺاڻ آهي. سندس جنم 13 فيبروري 1977ع تي لاڙڪاڻي شھر ۾ مشھور اديب، شاعر ۽ محقق ڊاڪٽر بشير احمد ’شاد‘ جي گهر ۾ ٿيو. هن سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان 1999ع ۾ جاگرافي شعبي مان ايم. ايس. سي ڪئي. جڏهن ته سندس ايم فل جو موضوع Spatio-temporal analysis of Larkana City آهي. هن 2001ع کان گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ليڪچرار ۽ اسسٽنٽ پروفيسر طور تدريسي خدمتون انجام ڏنيون ۽ هن وقت گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ جاگرافيءَ جو ائسوسيئيٽ پروفيسر ۽ هيڊ آف ڊپارٽمينٽ آهي، رضوان گل شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي جاگرافي ڊپارٽمينٽ واري بورڊ آف اسٽڊيز جو سينيئر ميمبر پڻ آهي. رضوان گل ادبي دنيا ۾ 92-1991ع ڌاري پير پاتو. ڪيتري ئي وقت تائين روزاني ’عوامي آواز‘، روزاني ’جاڳو‘ ۽ روزاني ’برسات‘ ۾ مضمون ۽ ڪالم به لکندو رهيو آهي، جن جو تعداد لڳ ڀڳ 255 آهي. هن جي شاعري توڙي نثري تحريرون ادبي رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿينديون رهيون آهن. هن ڪيترائي سائنسي مضمون پڻ لکيا آهن، جيڪي سائنسي سوچ مئگزين کان علاوه سوشل ميڊيا جي مختلف ويب سائيٽس ذريعي شيئر ٿيل آهن. خاص طور سنڌي ٻوليءَ ۾ سائنسي ادب کي فروغ ڏيڻ لاءِ هن جاگرافيءَ سان لاڳاپيل سائنسي موضوعن تي 50 کان وڌيڪ وڊيو ڊاڪيومينٽريز ٺاهيون آهن. هي نيشنل جيوگرافڪ سوسائٽي واشنگٽن، آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي ۽ سنڌي ادبي سنگت سنڌ يونيورسٽي هاسٽل شاخ(1996) جو سرگرم ميمبر، لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي ۽ سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻي جو انفارميشن ۽ جوائنٽ سيڪريٽري، انڊس جيوگرافيڪل سوسائٽي لاڙڪاڻي جو سيڪريٽري، آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي جو مختلف وقتن تي آرڪائيوز شعبي، ادب شعبي ۽ پبليڪيشن شعبي جو چيئرمين، ’جيو مئگ‘ لاڙڪاڻي جو ايڊيٽر ۽ نيوز ليٽر ’شعور‘ جو ايڊيٽر رهي چڪو آهي. انٽرنيٽ تي اديبن ۽ شاعرن جا خاڪا/تعارف لکڻ توڙي تصويرون سھيڙڻ سندس اهم ڪم رهيو آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي انسائيڪلوپيڊيا جي مختلف جلدن لاءِ معلومات پڻ فراهم ڪندو رهيو آهي. ان کانسواءِ هن سنڌي توڙي اردو ۽ عالمي ادب سان لاڳاپيل اديبن جون هزارين تصويرون هڪ ادبي ويب سائيٽ تي گڏ ڪري اپلوڊ ڪيون آهن. هن سنڌي ٻوليءَ جي 58 ڪتابن جا انتھائي خوبصورت ٽائيٽل ڪمپيوٽر گرافڪس ذريعي ڊزائن ڪيا آهن. ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تان سالن جا سال ميزبان جي حيثيت ۾ لائيو پروگرام پڻ ڪندو رهيو آهي. رضوان گل جي ڇپيل ڪتابن ۾: ’پنج ڏينھن‘ (سعادت حسن منٽو جي ڪھاڻين جو ترجمو: 2005ع)، ’ساهت ڏيھه جا سرجڻھار‘ (سنڌ جي اديبن جا خاڪا: 2010ع)، ’ڏات ڏيئا ٻاريا‘ (مختلف شاعرن سان گڏ: 2010ع)، ’پيار جي پھرين بارش‘ (شاعري: 2012ع)، ’جاگرافي جي لغت‘ (لغت، سنڌي ٻولي جو بااختيار ادارو: 2012ع)، ’لاڙڪاڻو، علمي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ‘ (ترتيب: 2016ع)، ’لاڙڪاڻو تاريخ جي روشني ۾‘ (ترتيب: 2017ع)، ’سپنن جو انت‘ (ڪھاڻيون: 2019ع)، ’لاڙڪاڻو اتھاس، آثار ۽ڪردار‘ (ترتيب: 2021ع) شامل آهن. هن کي علمي، ادبي ۽ تنطيمي خدمتن عيوض ڪيترائي اوارڊ مليا آهن جن ۾: عباسي ڪلهوڙا تنظيم سنڌ پاران ’ڊاڪٽر تنوير عباسي اوارڊ‘: 2002ع، ’سپنن جو انت‘ ڪتاب تي سنڌي ادبي سنگت ڊکڻ پاران بھترين ڪھاڻي ڪتاب جو اوارڊ، ڪوئل پروڊڪشن پاران ’بھترين ڪمپيئر جو اوارڊ‘، ’سنڌيءَ ۾ جاگرافيءَ جي لغت ۽ تحقيقي ڪم تي ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي پاران ’ڊاڪٽر محبت ٻرڙو اوارڊ‘، سنڌ فنڪار ويلفيئر ايسوسيئيشن پاران ’امن اوارڊ‘، هسٽاريڪل سوسائٽي قمبر شھدادڪوٽ پاران ’لطيف اوارڊ‘، آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو پاران ’بھترين منتظم جو اوارڊ‘، موهن جو دڙو پراڊڪشن پاران ’ڪلاڪار اوارڊ‘، شڪور ٻگهيو ٽرسٽ پاران ’مڃتا اوارڊ‘،گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي پاران بھترين استاد جو اوارڊ، جاگرافي شعبي ۾ ڪرايل سائنس ايگزيبيشن جي موقعي تي ’مڃتا اوارڊ‘، بئريسٽر جان محمد جوڻيجو يادگار ڪاميٽي پاران ’بھترين ڪمپيئر جي اوارڊ‘ کان سواءِ ٻين ڪيترن ئي ادارن پاران مڃتا شيلڊون ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ ملي چڪا آهن. رضوان گل لاڙڪاڻي جي سچل ڪالوني ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ رضوان گلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1977.10.04  عيسوي

شاعر، ڪھاڻيڪار، مترجم ۽ محقق رضوان گل جو پورو نالو رضوان الحق پٺاڻ آهي. سندس جنم 13 فيبروري 1977ع تي لاڙڪاڻي شھر ۾ مشھور اديب، شاعر ۽ محقق ڊاڪٽر بشير احمد ’شاد‘ جي گهر ۾ ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

راشد مورائي
بهادر فقير لغاري
تاج ٽکڙائي
محمود شيخ
آصف مٺياڻوي
زيب ڪنگو
مرتضيٰ شاهه ڏاڏاهي
صوفي محمد بخش ڦرڙو
سوڀو فقير لغاري
احمد فقيرمستان
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون